ربيع الاول

ربيع الاول: هيءُ اسلامي هجري سال جو ٽيون مهينو آهي. ربيع الاول جي معنيٰ آهي ’پهرين بَهار‘. هن مهيني کي ربيع النور ۽ ربيع السُرور به سڏيندا آهن. هن ئي مهيني ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت ٿي. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو وصال پڻ هن ئي مهيني ۾ ٿيو. سنڌ ۾ هن مهيني کي ’عرس جو مهينو‘ چوندا آهن. سڄيءَ دنيا جا مسلمان 12 ربيع الاول تي جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم جون محفلون ملهائيندا آهن ۽ عرس جي سلسلي ۾ خيرات، نعتن ۽ مولودن جو سلسلو سڄي مهيني ۾ جاري رهندو آهي. هن مهيني جي پهرين تاريخ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن مڪي پاڪ کان مديني منور ڏانهن هجرت لاءِ روانا ٿيا هئا ۽ هن ئي مهيني ۾ پهرين مسجد- مسجد قُبا جو مديني ۾ اچي بنياد رکيو هئائون. هن ئي مهيني جي 23 تاريخ، 1 هجريءَ ۾ جمعي جي نماز ۽ خطبي جو حڪم نازل ٿيو.


لفظ ربيع الاولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو